سيد نور شاهه

سيد نور شاهه: سيد نور علي ولد سيد نظام الدين شاهه 1921ع ڌاري ڳوٺ جروار ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. پيدائش کان اڳ هڪ درويش سندس والد سان مليو ۽ کيس چيائين ته هن علائقي ۾ هڪ اهڙو گل پيدا ٿيندو، جيڪو ساري علائقي کي معطر ڪري ڇڏيندو، جنهن بعد سيد نظام الدين جي گهر ۾ هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن تي نور علي شاهه نالو رکيو ويو. سندس والد کي ڪهڙي خبر ته سندس ئي گهر ۾ پيدا ٿيل ننڍڙو نور وڏو ٿي علائقي جو نور بڻجي ويندو ۽ بزرگ جي ڪيل اڳڪٿي پوري ٿيندي!
سيد نور علي شاهه سمجهه ڀريو ٿيو ته کيس مدرسي ۾ ويهاريو ويو، جتان هن پنهنجي والد کان قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي. ڏهن سالن جي عمر کان پوءِ سيد نور علي شاهه درگاهه مولوي عبدالغفور همايون شريف اچي مولانا ميان عبدالباقيءَ کان علم حاصل ڪرڻ لڳو. اٺن سالن بعد ديني علم مڪمل ڪري دستاربند ٿيو ۽ پنهنجي ئي مرشد ۽ استاد جي حڪم تي جيڪب آباد واري مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو، اتي ڪافي وقت ديني علم ڏنائين. 1947ع ۾ پنهنجي اصلي مسجد پير بخاريءَ جو پيش امام ٿيو. ان وقت اها مسجد ڪچين سرن سان ٺهيل هوندي هئي. سيد نور علي شاهه هن مسجد کي پڪو ڪرايو ۽ ان جي وسعت ڪرائي، اعلى پيماني تي تعمير ڪرايائين. علائقي جي مخير زميندارن سيد بهرام خان کوسي ۽ مير مدد خان کوسي جي مدد سان شهر جي مرڪز ۾ موجود هن اهم مسجد جو ڪم 23 جنوري 1950ع تي سنڌ جي گورنر نواب شيخ دين محمد هٿان سنگِ بنياد رکڻ سان شروع ٿيو ۽ 28 جنوري 1951ع تي الحاج خواجه ناظم الدين گورنر جنرل پاڪستان هٿان افتتاح سان مڪمل ٿيو. سيد نور علي شاهه مسجد جي ڀرسان خالي پيل جاءِ تي هڪ مدرسو تعمير ڪرايو. پاڻ ان جو سربراهه ۽ مسجد جو پيش امام رهيو. هن پنهنجي عمر جا تقريباً 55 سال ديني خدمت ۾ گذاريا. سيد نور علي شاهه جي خدمتن کي ڪير به وساري نٿو سگهي. هن ٻهراڙين ۾ قرآني تعليم ڏيڻ لاءِ ڳوٺن ۾ مدرسا ۽ مسجدون تعمير ڪرايون. نور علي شاهه کي مذهبي معاملن ۾ ملڪو حاصل هو.
هن بزرگ 14 جون 1994ع تي وفات ڪئي. کيس درگاهه پير بخاريءَ (جيڪو سندس پڙڏاڏو آهي) ڀرسان دفن ڪيو ويو.


لفظ سيد نور شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو